SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ESAF Enhanced Structural Adjustment Facility

(click word to listen sound
  • 🔊
  • esaf
  • inhɑːnst
  • strʌktʃərəl
  • ədʒʌstmənt
  • fəsilitiː
  • )

From the Dictionary of International Relations:

ESAF Enhanced Structural Adjustment Facility

اينهانسڊ اسٽرڪچرل ايڊجسٽمينٽ فئسلٽي

معاشي ڍانچو بهتر بڻائڻ لاءِ اضافي سهولتون

هي هڪ اهڙو نظام آهي، جنهن وسيلي غريب ملڪن کي بين الاقوامي مالياتي فنڊ طرفان رعايتي قرض ۽ ٻيون سهولتون مهيا ڪيون وڃن ٿيون ته جيئن سندن مناسب اوسر ٿي سگهي . جيئن ته پوئتي پيل ملڪن جو اصل مسئلو سندن ادائگين جو بگڙيل توازن آهي، تنهنڪري سندن مالي سهائتا ذريعي انهن ادائگين ۾ توازن پيدا ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪرڻ سميت سندن ادارن ۽ معاشي ڍانچي ۾ بنيادي تبديليون آڻي ، انهن کي سڌاري سنواري سندن ترتيب ڏنل وڏين معاشي رٿائن کي بهتر بڻايو ويندو آهي. ”معاشي رٿابنديءَ جي سهولت“ (SEF) وانگر ESAF ۾ به متاثر ملڪ ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ وسيلن کي ٽيڻ تي وڌائي معاشي سڌارن کي ڪامياب بڻائڻ سان گڏوگڏ ادارتي ڪارڪردگي ۽ رٿائن جي اڳڀرائيءَ تي ڪڙي نظر رکي ويندي آهي. انهن ٻنهي سهولتن ۾ پاليسيءَ جي جوڙ جڪ واري خاڪي کي بهتر بڻائي وڌيڪ معاشي مدد لاءِ دنيا ۾ سازگار ماحول جوڙيو ويندو آهي ، SEF (مارچ 1986ع ) ۽ ESAF (ڊسمبر 1987ع ) جا سرشتا هڪٻئي جي بُٺيان وجود ۾ آيا . انهن ٻنهي مالياتي سهولتن ۾ مليل قرض 5 کان 10 سالن جي مدي ۾ ادا ٿيڻ جوڳا آهن. انهن پروگرامن مان دنيا جا 60 کان وڌيڪ مُلڪ فائدو وٺن ٿا ۽ پنهنجن بگڙيل معاشي ڍانچي جي بحاليءَ ۾ ڪافي اڳڀرايون ڪن ٿا.


Remember Me Also:

ارگچيني

ث. [ف. عَرَق چين = پڳ يا پٽڪي کي پگهر کان بچائڻ لاءِ ننڍي ٽوپي يا رومال] ٽوپيءَ جو هڪ قسم. دالچينيءَ جو ارڳُ عرق.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal